اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هي?? آهي، اسان کي سي پيڪ جي صلاحيتن مان پوري طرح فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان اڄ سي پيڪ جي ڏهاڪي جي مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائي ??هي?? آهي، هي هڪ انقلابي منصوبو آهي جيڪو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هي?? آهي. هن چيو ته گذريل 10 سا??ن جي هڪ متاثر ڪندڙ ڪهاڻي آهي ته منهنجي قائد نواز شريف جي قائداڻي ڪردار جي ڪري ڪهڙي طرح شي جن پنگ جي ”مضبوط ڀائيچاري“ جو ويزن سي پيڪ فريم ورڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تبديل ٿيو، آئون گواهه آهيان ته ڪهڙي طرح هن توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي نگراني ڪئ??، تفصيلن کي بهتر بڻائڻ، اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ٽائيم لائينز کي يقيني بڻائڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳايا. هن چيو ته ان جي نگراني کانسواءِ اسان سي پيڪ منصوبن کي ان رفتار ۽ ڪارڪردگي سا?? مڪمل نه ڪري سگهون ها جيڪي اسان ڪيا هئا جڏهن ته منهنجي خيال ۾ اسان اڃا به سي پيڪ جي صلاحيتن مان پوري طرح فائدو نه کڻي رهيا آهيون، هي هڪ قابل قدر مقصد آهي جنهن سا?? منهنجي ذاتي ۽ حڪومت جي پڪي وابستگي آهي.