اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان جميعت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وز??را??ظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ موجوده ملڪي سيا??ي صورتحال تفصيلي مشاورت ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آء?? جي ڪارڪنن پاران رياستي ادارن تي حملي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي پڻ مشاورت ڪئي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.