راولپنڊي – 09 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته واپاري برادري خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل ڪوششن سان ڇ??تيءَ جي ڪينسر جي خلاف آگاهي ۾ خاطرخواهه ڪاميابي ملي، ڪنهن به ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ واپاري برادري وڏي اهميت رکندي آه??، بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ عورتن ?? ڇاتيءَ جي ڪينسر خلاف ٿيندڙ آگاهي سيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته عورتن ?? ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو فروغ وقت جي ضرورت آه?? ڇو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر تشخيص ۽ علاج سان ان موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو. عورتن کي گهرجي ته جسم ۾ ڪنهن به غيرمعمولي تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. وومين امپاورمينٽ هڪ خوش آئنده عمل آه??، جيڪو جاري رهڻ گهرجي. هن چيو ته آگاهي سان بريسٽ ڪينسر کان بچاءُ جا امڪان 90 سيڪڙو هوندو آه??، ڏورانهن علائقن ۾ به بريسٽ ڪينسر جي تشخيص جي سهولت جي دستيابي کي يقيني بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آه?? ۽ اسان جي ڌيان جا مستحق آه??، حڪومتي سطح تي خصوصي ماڻهن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته خصوصي ماڻهن جي بحالي، ڀلائي ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ معاشري جي سڀني طبقن خاص طور تي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نجي شعبو ۽ اين جي اوز به خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪري. حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي به پاڻڀرو ڪرڻ بابت سنجيده قدم کڻي رهي آه??. خصوصي ماڻهن کي قرض جي فراهمي سان گڏوگڏ انهن جي مالي معاونت جو سلسلو به جاري آه??. پاڪستان دنيا جو خوبصورت ترين ملڪ آه??، نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچائين. گڏيل ڪوششن سان ذهني صحت، مختلف قسمن جي جسماني معذوري ۽ بريسٽ ڪينسر جي بچاءُ جي حوالي سان ڪم ڪري سگهجي ٿو.