اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پڻ ص??ر سان گڏ آهي، ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ اعليٰ صوبائي عملدارن سان گڏ صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? کي گورنر هائوس ڪوئيٽا اچڻ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. بعد ۾ صدر بلوچستان جي گورنر سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ٻن ڏينهن جي دوري دوران 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. صدر گڊ گورننس ??ي فروغ ۾ محتسبن جي ڪردار تي سيمينا?? کي پڻ خطاب ڪندو.