اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ، سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ تعاون ۽ گذر??ل سال شديد ٻوڏ دوران امداد تي س??ود?? عرب سان ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته س??ود?? عرب ۽ ايران جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ سان علائقائي امن ۽ س??امتي جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن س??ود?? عرب جي نائب گ??رو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گذر??ل سال جي شديد ٻوڏ دوران امداد تي س??ود?? عرب جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي س??ود?? عرب جي حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ تي س??ود?? عرب جي حڪومت کي ساراهيو، ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ذريعي حج تي وڃڻ جي خواهشمند پاڪستاني حاجين کي سهولتون فراهم ڪندو. س??ود?? عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ تازي معاهدي جو حوالو ڏيندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان علائقائي امن ۽ س??امتي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. س??ود?? نائب گ??رو وزير سندس ۽ س??دس وفد جي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي آهن. هن پاڪستان جي گهرو، مذهبي معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارن وزيرن سان ڪارائتين ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي ايندڙ سال کان لاهور ۽ پشاور تائ??ن پڻ وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ حاجين کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.