اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??وام جي جان ۽ مال ج?? تحفظ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??يشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي صورتحال ج?? ڪڙي نگراني جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته وفاقي ادارا صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي حصيداري عمل سان ڪم ڪن، جتي جنهن شيءَ جي ضرورت هجي، عوام جي تحفظ ۽ مدد جي لاءِ فراهم ڪئي وڃي ۽ جتي ضرورت آهي اتي عوام کي فوري محفوظ علائقن ۾ منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم ??يشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بين الصوبائي قومي رستن جي مانيٽرنگ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ??سٻيلا ۾ ڪوئيٽا ڪراچي رستي ۽ بولان ۾ ڪوئيٽا سبي ??ستي تي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام جي سهولت لاءِ موثر انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته مختلف رستن ۽ متاثر علائقن ۾ عوام کي خبردار رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ??وام جي جان ۽ مال ج?? تحفظ اولين ترجيح آهي. برساتن جي صورتحال ۾ شهري خدمتن جا سمورا ادارا الرٽ رهن، قومي جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان ڪم ڪن. وزيراعظم عوام کي به اپيل ڪئي ته موسمي شدت جي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ حڪومتي ادارن سان تعاون ڪن.