اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستاني شه??ين جي انخلا جي منصوبي تحت جمعي جي صبح هڪ جهاز سوڊان مان ڪڍيل 149 پاڪستاني شه??ين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پاڪستانين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان هڪ پورٽ سوڊان ۽ ٻيو جده کان پاڪستانين کي واپس آڻيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته سوڊان ۾ سيڪيورٽي جي مشڪل صورتحال سان پاڪستانين جو انخلا پرڏيهي وزارت جي قيادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي ع??ل جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي انخلا جي منصوبي کي مرحليوار لاڳو ڪي?? ويو آهي، آپريشن جي په??ين مرحلي ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پاڪستانين کي سرطوم کان پورٽ سوڊان پهچايو ويو جيڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پاڪستاني شه??ين کي پورٽ سوڊان کان جده سعودي عرب يا سڌوسنئون پاڪستان پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جون اڏامون پورٽ سوڊان کان جده جي رستي اچي رهيون آهن، اهو ان ٻئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضافي اڏامن جو پڻ منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پورٽ سوڊان کان جده تائين انخلا جو ع??ل جاري آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران هلائي ويندڙ في??ين جي ذريعي انخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي پورٽ سوڊان کان جده جي لاءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪي?? ويندو. ترجمان چيو ته اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پورٽ سوڊان کان جده تائين فيري جي ذريعي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستاني شه??ين جي ملڪ واپسي تائين ميزباني جي ذريعي ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ان آپريشن کي ٺوس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي وچ ۾ ع??ل جي قيادت ڪندي رهندي، خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ۽ سوڊان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي انخلا ۽ انهن کي ملڪ واپس آڻڻ تائين امداد فراهم ڪرڻ جاري رکندا. هن چيو ته جده ۾ اسان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سان رابطو جاري رکندو ۽ جده جي رستي پاڪستانين جي اچ وڃ دوران مدد فراهم ڪندو.