اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان تن??ان??ه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ??مش??ر سراج ا??مد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻطرفي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ تن??ان??ه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان تن??ان??ه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تن??ان??ه سان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد هاءِ ??مش??ر کي تن??ان??ه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تن??ان??ه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر نامزد هاءِ ??مش??ر کي تن??ان??ه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد هاءِ ??مش??ر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، تن??ان??ه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سراج ا??مد خان کي تن??ان??ه ۾ هاءِ ??مش??ر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تن??ان??ه سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.