اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ عو??تن جي حقن کي يقيني بڻائڻ، فروغ ڏيڻ ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ موثر قانونسازي ۽ پاليسي بابت قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت انساني حقن، موسمياتي تبديلي، سماجي تحفظ، تعليم، صحت، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سميت ٻين پاليسي معاملن ۾ عو??تن جي شرڪت کي يقيني بڻائي رهي آهي. هو قائداعظم انٽرنيشنل اسپتال ۾ عو??تن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. بيگم ثمينه عارف علوي چي?? ته پوري دنيا ۽ پاڪستان حڪومت هر سال عو??تن جي سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي ڪاميابين جو جشن ملهائي ٿي. يو اين وومين پاران هن سال جو ٿيم ”ڊيجيٽل: صنفي برابري جي لاءِ جدت ۽ ٽيڪنالاجي“ هو. هن عو??تن جي حقن جي تحفظ ۽ محفوظ ڊيجيٽل اسپيس جي ذريعي تشدد جي خاتمي لاءِ قومي ۽ عالمي واعدن جي پڻ توثيق ڪئي. هن چي?? ته عو??تن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چي?? ته هي ڏينهن هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ عو??تن جي حقن ۽ عوامي زندگي جي سمورن رخن ۾فيصلاسازي ۾ برابر شرڪت جي راهه ۾ ايندڙ چئلينجن تي غور ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو آهي. خاتون اول عظيم اڳواڻ قائداعظم جو حوالو پڻ ڏنو جنهن چيو ه?? ته ڪا به قوم ان وقت تائين عظمت جي بلندي تي نه ٿي پهچي سگهي جيستائين توهان جون عورتون توهان سان گڏ نه بيهن. هن چي?? ته پاڪستان جو آئين مرد ۽ عورت ٻنهي کي بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. بيگم ثمينه عارف علوي چي?? ته پاڪستان انساني حقن جي عالمي پڌرنامي، بيجنگ پليٽ فارم فار ايڪشن، عو??تن جي خلاف هر قسم جي امتيازي سلوڪ جي خاتمي جي ڪنوينشن ۽ پائيدار ترقي جهڙي صنفي برابري ۽ عو??تن جي حقن جي لاءِ ڪيترن ئي اهم عالمي واعدن تي عملدرآمد يقيني بڻايو آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ عو??تن جي حقن جي تحفظ ۽ ضمانت جي لاء?? پاڪستان ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. قومي واعدن ۾ عو??تن جي ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ جي قومي پاليسي، انساني حقن تي قومي ايڪشن پلان، صنفي برابري جي پاليسي جي فريم ورڪ ۽ عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جا پئڪيج شامل آهن. بيگم ثمينه علوي چي?? ته پاڪستان ۾ عو??تن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ هڪ مضبوط قانونسازي جو ڍانچو پڻ موجود آهي جنهن ۾ فوجداري قانون (ترميمي) ايڪٽ (غيرت جي نالي تي ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام، عصمت دري، غيرت جي نالي تي قتل، تيزاب گردي بابت ڏوهن جي روڪٿام) شامل آهن. عو??تن جي ملڪيت جي حقن (ترميمي) ايڪٽ 2021ع لاڳو ڪرڻ ۽ تازو ئي لاڳو ڪيل عصمت جي خاتمي (تحقيقات ۽ ڪيس) ايڪٽ 2021ع ۽ ڪم جي جڳهه تي عو??تن کي هراسان ڪرڻ جي خلاف تحفظ (ترميمي) ايڪٽ 2022ع شامل آهي. تقريب ۾ قائداعظم اسپتال جي سي اي او ڊاڪٽر شوڪت علي، طبي ماهرن، عورت ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف شرڪت ڪئي. خاتون اول چي?? ته عو??تن جي هر قسم جي امتيازي سلوڪ کان تحفظ جي لاءِ قانونن جو باقاعده جائزو ورتو وڃي ٿو جنهن ۾ صنفي بنياد تي تشدد تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن احساس پروگرام، مائيڪرو فنانس جا موقعا، زمين ۽ ملڪيت جي وراثت جي حقن سان گڏوگڏ، ڪم جي جڳهه تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول کي فعال ڪرڻ جهڙن سماجي تحفظ جي قدمن جي شروعات ۽ مضبوطي جي ذريعي عو??تن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي عمل تي روشني وڌي. خاتون اول چي?? ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سرپرستي ۾ ۽ هُن پاڻ سماجي شعبي ۾ خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي، عو??تن جي مالي شموليت، خصوصي ماڻهن ۽ دماغي صحت بابت مسئلن جي حوالي سان مڪ گير سطح تي وڏي پئماني تي آگاهي جي هڪ منظم مهم هلائي وئي جنهن جو مقصد عو??تن ۽ ڇوڪرين کي شروعاتي علامتن بابت آگاهه ڪرڻ ۽ انهن کي هر مهيني ڇاتيءَ جو پاڻ معائنو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. هن چي?? ته تازو ئي ڪيل هڪ مطالعي ۾ انڪشاف ٿي?? ته 32 سيڪڙو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت معلومات جو سڀ کان وڏو ذريعو ميڊيا کي قرار ڏنو. ان تحقيق ۾ ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته عو??تن جي ڇاتيءَ جي الٽراسائونڊ ۽ ميموگرافي جي اسڪريننگ ۾ گذريل سالن جي مقابلي ۾ اٽڪل ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي. هن چي?? ته اسان ذهني صحت تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان کي ڇوڪرين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جون عورتون ايتريون مضبوط ٿين جو اهي زندگي جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهن. بيگم ثمينه عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته انهن کي پنهنجي عو??تن کي پيشيواراڻي مها??تن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشي استحصال کان بچائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن پاڪستان ۾ صنفي برابري جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي حصيدارن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي ٻين خطاب ڪندڙن محفوظ، ڀروسي جوڳي حمل روڪ طريقن تائين پهچ وڌائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي، جنهن سان پاڪستان ۾ ويم دوران موت جي شرح، غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن ويم دوران موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ، صحت، تعليم ۽ روزگار جي موقعن تائين انهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ انهن کي ڪم وارين جاين تي محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪميونٽي جي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو.