ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪلب مل??ان جي نئين چونڊي?? عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم، جنرل سيڪريٽري نثار اعواڻ، نائب صدرن خالد چوڌري، نعمان خان بابر، جوائنٽ سيڪريٽريز رائو محمد آصف، اياز علي شيخ، خازن فرحان مل??اڻي سميت سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري ان امي?? جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊي?? عهديدار پريس ڪلب مل??ان جي سمورن ميمبرن جي اميدن تي پورو لهندا. هن چيو ته مل??ان جي صحافين جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ سدائين فرنٽ لائين سپاهين جو ??ردار نڀايو آهي.