ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب اتر بحيره عرب ?? منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب جو خاص م??ما?? هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا موجب تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير ح??ين، دفاع وارو سيڪريٽري، سنڌ جو گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سروسز چيفس پڻ شرڪت ڪئي. بحيره عرب ?? موجود پاڪ بحريه جي جهاز تي اچڻ تي اميرالبحر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب مشق ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن خاص م??ما?? کي سلامي پيش ڪئي. اٺين گهڻ گهڻ ملڪي ميري ٽائين مشق امن 23 6 ڏينهن تائين جاري رهي جن??ن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي.