اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ??ي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ترڪيه جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چ??و ته هو قيمتي انساني جانين جي زي??ن تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چ??و ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ عوام سان ??ڏ آهي. هن چ??و ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان ??رپور تعاون ڪندي. وزيراعظم چ??و ته مو??مي??تي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ مو??مي??تي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چ??و ته هو وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.