اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو اهي ته 5 فيبروري ??ي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀ??نر?? سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندا. قمر زمان ڪائره چيو ته ڪشميري ??هيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 5 فيبروري ??ي سڄي ملڪ ۾ صبح ڏهين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. هن چيو ته شاهراه دستور اسلام آباد تي ڪشميري ??وام سان ايڪي لاءِ ريلي پڻ ڪڍي ويندي. قمر زمان ڪائره چيو ته ان مقويع تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مظفر آباد ويندو ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو، ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم طرفان يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان خاص پيغام پڻ نشر ??يا ويندا. هن چيو ته 5 فيبروري ??ي مناسبت سان پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز خصوصي ريليون، سيمينار ۽ تصويري نمائشن جو اهتمام ڪري ??هيا آهيون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پي اين سي اي ۽ لوڪ ورثه ۾ ٽي ڏينهن واريون تقريبون جاري ??هن جن ۾ ڪشميري ??قافت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانعلاوه سوشل ميڊيا تي پڻ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. ان ڏينهن جي مناسبت سان دستاويزي فلمن ۽ تصويرن جي پڻ ڀرپور نموني تشهير ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري وزارت پي ٽي وي، اي جي ڪي ٽي وي ورلڊ ۽ ريڊيو ذريعي مختلف پروگرام نشر ??يا ويندا. هن چيو ته نجي ميڊيا چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو تان پڻ ان ڏس ۾ ڀرپور ڪوريج ڪئي ويندي. قمر زمان ڪائره چيو ته سول ايوي ايشن، پاڪستان ريلوي، ميٽرو بس ۽ اين ايڇ اي هوائي اڏن، ريلوي اسٽيشنز، ميٽرو بس اسٽيشنز ۽ ٽول پلازن تي پڻ بينر هنيا ويا آهن. سي ڊي اي پڻ اسلام آباد جي سمورين اهم شاهراهن تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان بينر لڳايا آهن. قمر زمان ڪائره چيو ته ان موقعي تي سيليولر موبائل ڪمپنيون خصوصي پيغام نشر ڪنديون.