اسلام آباد – 12 ?? جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا پاران جنيوا ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ اضافي 100 ملين ڊالر جي امداد جي اعلان کي ساراهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳ??له?? ٻولهه دوران ڪيو، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستانين جي لاءِ ويزا انٽرويو بابت سهولتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ويزا سهولتن بابت آمريڪي پرڏيهي وزير سان تفصيلي ڳ??له?? ٻولهه ٿي، انهن قدمن سان نه رڳو ويز?? وٺڻ جو عمل تيز ٿيندو پر عوامي رابطا وڌندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ آمريڪي سفير ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ پاڪستاني عوام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.