اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪس??ان بابت عالمي ڪانفرنس ايندڙ ??ومر تي جنيوا ۾ ٿيندي. پاڪس??ان ڪانفرنس ۾ موسمياتي لحاظ کان ملڪ جي مضبوطي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس جي هڪ سينيئر عهديدار اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غيررسمي ڳالهه ٻو??هه ۾ چيو ته پاڪس??ان ۽ گڏيل قومون گڏيل طور تي ان عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي عالمي برادري ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪس??ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي. عهديدار چيو ته پاڪس??ان دنيا جي سمورن اهم گادي وارن شهرن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن پاران ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت متوقع آهي. هن چيو ته ان عالمي ڪانفرنس کي پاڪس??ان جي سفارتي ڪاميابي جي ڏس ۾ پڻ ڏسڻ گهرجي.