اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حص??دار بڻائي رهيا آهيون، منهنجي هدايت تي منصوبابندي وارو وزير چيمپيئن آف ريفارمز (سي او آر) نيٽ ورڪ جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اهو نيٽ ورڪ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جنهن ۾ ??لڪ جي ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين ٽيلينٽ کي استعمال ۾ آندو ويندو. هنرمند پاڪستاني ??لڪ جو ??خر آهن جن عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ پنهنجو مقام بڻايو. درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حص??دار بڻائي رهيا آهيون. سي او آر نيٽ ورڪ هڪ اهڙي پليٽ فارم طور تي خدمتون سرانجام ڏيندو جتي قوم جي خدمت جي لاءِ چوٽي جا ماهر گڏجي ويهندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان عملي رستي طرف گامزن ٿي رهيا آهيون جتي اسان پنهنجي بهترين ٽيلينٽ جي حص??داري سان ??لڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنداسين.