اسلام آباد– 25 – ن??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري اداڪار اس??اعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پن??نج?? تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اس??اعيل تارا جي گهروارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اس??اعيل تارا مزاحيه اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو. هن پاڪستان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي اداڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سندس اداڪاري يادگار رهندي ۽ سندس خدمتن ??ي سدائين ياد رکيو ويندو.