اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??يئ??مين جوائنٽ ??يفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جنرل نديم رضا جي وطن جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فوج جي اداري لاءِ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جنرل نديم رضا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته توهان جي خدمتن تي فخر آهي، توهان جهڙي باوقار ۽ باصلاحيت آفيسر جوائنٽ ??يفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي انتهائي شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف جنرل نديم رضا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??يئ??مين جوائنٽ ??يفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.