اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي گه?? واري ثمينه عارف علوي چيو آهي ته سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ جي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي هٿي وٺ??ائڻ جي ضرورت آهي. اميد آهي ته نوجوان ۽ اُڀرندڙ مصور ان نمائش مان فائدو کڻندا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ??کاريندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ انسان کي تمام گهڻين صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ان جو اظهار مختلف طريقن سان ڪري ٿو، پنهنجن جذبن کي ??ين تائين پهچائڻ لاءِ هو مصوري، خطاطي، مجسمه سازي، ڊرائينگ، ناچ، موسيقي، ادب ۽ ٻين بي شمار ذريعا استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته فائن آرٽس ذريعي انسان پنهنجي خوبصورت جذبن جو اظهار بهتر طريقي سان ڪري سگهي ٿو. هي تخليقي جذبن جو اهڙو اظهار آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ کي خوبصورتي ۽ خوشيءَ سان متعارف ڪرائين ٿا. هن چيو ته فائن آرٽ جي اهميت ايتري ئي آهي جيتري زندگيءَ جي اهميت آهي، هي آرٽس انسان جي ارتقا ۽ تاريخ کي جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. آرٽ پنهنجي مختلف شڪلن ۾ قوم جي ڪلچر، ثقافت، سماجي قدرن ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو پڻ آهن. اسان جو اسلامي ڪلچر، ثقافت ۽ آرٽ شاندار روايتون رکندڙ آهي. اسلامي فن تعميرات ۽ خطاطي جا نمونا دنيا ۾ پنهنجي بهتر سُڃاڻپ رکن ٿا. هن چيو ته سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ کي ??ومي ۽ عالمي سطح تي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته ان نمائش ۾ سڄي پاڪستان جي فنڪارن جا فن پاره پيش ڪيا ويا آهن، اسان آرٽ کي ??ٿي ڏيڻ ۽ ان کي ??حفوظ رکڻ لاءِ فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان ۽ اُڀرندڙ مصور ان نمائش مان فائدو حاصل ڪندا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ??کاريندا. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ پڻ فنونِ لطيفه جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي، فائن آرٽس پڻ ان ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي نَون صورتن ۾ سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جون ڪيتريون ئي يونيوسٽيون، ڪاليج ۽ ادارا آرٽ جي تعليم کي ??ٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر ان ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ هي فنڪار سڄي دنيا ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ان نمائش وانگر اهڙن فن پارن کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، جن وٽ تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جو هُنر هوندو آهي، انهن وٽ فنڊز نه هوندا آهن ۽ اهڙيون نمائشون اهڙن فنڪارن کي ??نهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. اهڙيءَ طرح جون نمائشون پاڪستاني فن ۽ دستڪاريءَ کي عاليمس طح تي مقبول بنائڻ ۽ پنهنجي هڪ سُڃاڻپ ڏيارڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. ان موقعي تي هن نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ فن پاره ڏٺا ۽ مختلف مصورن جي فن پارن جي تعريف پڻ ڪئي.