اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) چين جي پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارن ڪنٽريز (سي پي اي ايف ايف سي) جي صدر لين سونگ تيان چيو آهي ته چين پاڪس??ان سان پيشيواراڻي تربيت جي ادارن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ذريعي نوجوانن جي مهارت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، چين انفراسٽرڪچر جي ترقي، صنعتڪاري ۽ نوجوانن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي مدد ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني ۾ پريس ??ان??رنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چين ۽ پاڪس??ان جي مثالي دوستي جو ذڪر ڪندي چيو ته چين جي اها ذميواري آهي ته هو واپار کي وڌائي ۽ ان جي بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي کي جديد بڻائي پاڪس??ان کي غربت مان ڪڍي. لين سونگ تيان چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعليم کانسواءِ فني مهارت بنيادي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته سي پي اي ايف ايف سي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. لين سونگ تيان چيو ته آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، هن ميڊيا تي زور ڏنو ته اها ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ اڳڀرائي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو گڏيل مستقبل جي عالمي برادري جي تعمير جي لاءِ هڪ وڏو پليٽ فارم آهي ۽ اهو انسانيت جي گڏيل ترقي جي لاءِ هڪ اهم قدم آ??ي. ??ين جي پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارن ڪنٽريز جي صدر چيو ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ پاڪس??ان ۾ توانائي جي بحران ۾ گهٽتائي آئي ۽ مواصلاتي ڍانچي ۾ بهتري آئي آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ان روايتي دوستي کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن ان سان عوام فائدو کڻي سگ??ي. ??ين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين ??وم?? ڪانگريس جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪانگريس جي ڪامياب پڄاڻي تي پاڪس??ان جي وزيراعظم چين جو دورو ڪيو جيڪو ڪنه?? به غيرملڪي سربراهه جو پهريون چين جو دورو هو. پنهنجي پاڪس??ان جي دوري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪس??ان ۾ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چيني عوام پاڪس??ان?? ڀائرن ۽ ڀينرن کان تمام گهڻو متاثر آهي، پاڪس??ان ۽ چين سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن چيو ته اسان 2008ع جي سرديءَ جي موسم ۾ آيل تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ چين جي لاءِ پاڪس??ان جي مدد کي ڪڏه?? به نه وسارينداسين.