شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نالو نڪرڻ تي يورپي ملڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي، ماحولياتي ??بد??لين جي اث??ن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪلائمينٽ امپلي مينٽيشن سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين ڪمشنر ارسلاوون ??ير??ين ملاقات ڪئي. وزيراعظم يورپي يونين ملڪن جي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي جذبي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين گڏيل مقصد حاص?? ڪرڻ ۾ اهم حصيدار آهن، موسمياتي ??بد??لين جي اث??ن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي، اسرندڙ ملڪن اڄ جن اث??ن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، سڀاڻي سموري دنيا کي ان جو خميازو ڀوڳڻو پوندو. وزيراعظم فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ ۾ يورپي ملڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته يورپي يونين ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. يورپي يونين جي ڪمشنر ماحولياتي ??بد??ل??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.