دادو – پهرين ڊسمبر (اي پي پي)بيلجيم جي اوورسيز ڪميونٽي بابت پاڪستان جي صدر معظم خان سنڌ جي ض??عي دادو جي ٻوڏ ??تا??رن جو دورو ڪيو ۽ انهن ۾ راشن جا ٿيلها، خيما، مڇردانيون ۽ دوائون ورهايون. پنهنجي دوري دوران معظم خان مقامي ۽ عالمي اين جي اوز کي درخواست ڪئي ته ا??ي ٻوڏ ??تا??رن جي هر ممڪن مدد ڪن. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون صورتحال جو ازالو ڪنديون ۽ ??تا??رن جي نقصان جو ازالو ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته دادو جي ٻوڏ ??تا??رن ۾ 150 خيما، 150 راشن جا ٿيلها، 500 مڇردانيون ۽ دوائون ورهايون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته عم??ڪو?? ض??عي ۾ به 160 خيما ۽ هڪ هزار مڇردانيون ۽ 5 سئو راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن ان کانسواءِ مريضن لاءِ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپن ۾ اڍائي مريضن کي دوائون ڏيڻ سان گڏوگڏ مڇر مار اسپري ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ جي ڪري ٻوڏ ??تا??رن جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ??تا??رن جي بحالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان ذات، پات، مذهب ۽ ثقافت کان هٽي ڪري انسانيت جي خدمت تي يقين رکون ٿا. ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي، واپاري ۽ سماجي برادري سميت ٻيا پڻ موجود هئا.