اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بري ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته اڄ نواز شريف پڻ سرخرو ٿيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته 6 سالن تائين هن ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو اڄ الله تعاليٰ عزت سان سرخرو ڪ??و، عمران خان کي جواب ڏيڻو پوندو ته هن ڪوڙ ڇو ڳالهايو ۽ الزام ڇو لڳايا، جنهن شخص ڪوڙ ڳالهايو اڄ ان جو چهرو ڏسڻ چاهيان ٿي، اڄ الله تعاليٰ تو کي ناڪام ڪيو ڪوڙو ثابت ڪ??و، تون ناڪام ٿئين ۽ نواز شريف کي الله تعاليٰ سرخرو ڪيو. جلد نواز شريف پڻ ??اپ?? ايندو، مريم نواز چيو ته عمران خان هڪ بيوس شخص آهي ان ڪيس جو بينيفشري ??ير آهي، سڀ خبر هئي، هو بيساڪين تي هڪ ڪيس ذريعي آ??و، آمريڪي خط بابت آڊيو ليڪ جي سوال تي مريم نواز جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي ڪمري ۾ ويهي ٻن شيطاني دماغن ڪوڙ گهڙيو ان معاملي تي اعليٰ سطح جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران خان، اعظم خان، شاهه محمود قريشي ۽ اسد مجيد کي گهرائي انهن کان پڇڻ گهرجي ته هنن ڪهڙي طرح ملڪ سان هڪ مڪروه راند کيڏي، جيڪڏهن جاچ نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان کي اکيون بند ڪري ??مبل مٿان اوڍي گهر ۾ سمهي رهڻ گهرجي، هن چيو ته هي شخص مذهب ڪارڊ کيڏندو رهيو پر ڪنهن به ان جي باري ۾ ڪجهه نه چ??و، حڪومت سميت سمورا ادارا تماشو ڏسندا رهيا.