اسلام آباد – 12 –; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران بادشاهه چارلس ٽئين جي لاءِ سندس برطانيا جي تخت تي ويهڻ تي نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪريان ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم دعا ڪئي ته برطانوي عوام سندس سخاوت سان ڀرپور حڪومت جي دور ۾ ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي.