اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ان عظيم قرباني جو هڪ لازوال داستان آهي، جيڪو 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ ف??ج جي جوانن وطنن لاءِ وڙهندي پيش ڪيو. مل?? جي دفاع ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪ??دڙ ادارن جيڪي قربانيون پيش ڪيون آهن، تاريخ م ان جو مثال نٿو ملي. پاڪ ف??ج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر يوم دفاع جي مناسبت سان هڪ ملي نغمو جاري ڪيو آهي، جنهن کي مل?? جي نامياري گلوڪار ساحر علي بگا ڳايو آهي. ملي نغمي ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪ??دڙ ادارن جي انهن غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي، جن ملڪ طرف ميري اک کڻندڙن جو ڀرپور مقابلو ڪ??و ۽ وطن جي عزت تي ڪو به داغ لڳائڻ نه ڏنو. نغمي ۾ ان عهد جي تجديد ڪئي وئي آهي ته پاڪ فضائيه ج?? هر فرد پوري قوم سان ڪلهو ڪ??هي ۾ ملائي مل?? جي دفاع، ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.