اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قط?? جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 23 کان 24 آگسٽ قط?? جو ٻن ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو قط?? جو هي پهريون دورو هوندو. وزيراعظم سان ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ گڏ هوندو. دوري دوران وزيراعظم قط??ي قيادت سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي مشاورت ڪندو. ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون، توانائي بابت تعاون کي اڳتي وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ ۽ قط?? ۾ پاڪستانين جي لاءِ روزگار ??ا وسيع موقعا ڳولڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هو گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه ۾ قط??ي ۽ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم دوحه ۾ اسٽيڊيم 974 جو پڻ دورو ڪندو جتي کيس فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني جي لاءِ قط?? جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت بريفنگ ڏني ويندي. پاڪستان ۽ قط?? جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل مذهبي، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفي دلچسپي جي سمورن شع??ن ۾ وڌندڙ تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ويجهي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. قط?? ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني به رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري رهيا آهن. قيادت جي سطح تي باقاعده دورا پاڪستان ۽ قط?? جي حصيداري جي سڃاڻپ آهن. وزيراعظم جي قط?? جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شع??ن ۾ تعاون کي وسعت ڏيڻ ۽ ان جي وڌندڙ اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ملندي.