ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي و??ي وزير سيد م??اد علي شاهه پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏ??اڙي تي اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي گڏجي هن ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي، اڄ جي ڏ??نهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي. آزادي جي ڏ??اڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي سنڌ جي وقتي گورنر ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي و??ي وزير سيد م??اد علي شاهه چيو ته ڪالهه لاهور جي پي ٽي آءِ جلسي جي لاءِ پاڪستان جو جهنڊو لاٿو ويو، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، عمران نيازي اقتدار جي لاءِ ملڪ جي محبت ۽ هر روايت وساري ڇڏي آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان کي محبت ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻو آهي. و??ي وزير چيو ته جولاءِ دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿيون، ش??ر جي سمورن قدرتي پاڻي جي نيڪال جي رستن تي قبضن جي ڪري نيڪالي جا مسئلا ٿين ٿا، سنڌ حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪافي بهتر آهي. سيد م??اد علي شاهه چيو ته اسان ش??ر جي رستن جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ۽ وڌيڪ فنڊز جو انتظام ڪري رهيا آهيون.