اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي ڀلائي، قومي ترقي ??ي جدوجهد ۾ ا??هن جي مڪمل شموليت جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان بنا ڪ??هن ذات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ اسان سڀني جو آهي ۽ اسان کي گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد جاري رکڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هر سال پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ا??هن جو اسان جي عظيم قوم جو لازم حصو هجڻ ۽ مذهبي اقليتن جي احترام جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جي لاءِ 11 آگسٽ کي ”قومي اقليت ڏهاڙي“طور ملهايو ويندو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسلام ۽ امن ۽ رواداري جو مذهب آهي، قرآن پاڪ موجب دين جي معاملي ۾ ڪو جبر نه آهي، اهو قرآني حڪم سنت نبوي صه سان گڏجي ان اصول جي بنياد فراهم ڪري ٿو جيڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ بيان ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آئين ۾ مذهبي جي آزادي ۽ اقليتن جي ماڻهن ۽ ملڪيتن جي تقريم کي باقاعده قانوني شڪل ڏني وئي آهي. حڪومت کي نه رڳو ا??هن ذميوارين جي چڱي ريت خبر آهي پر ا??هن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جي مستقل خاطري طور تي حڪومت 11 آگسٽ تي سرڪاري سطح تي شاندار طريقي سان قومي اقليتي ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ا??هن سببن جو خاتمو ۽ خامين جي اصلاح ڪرڻ جيڪا سماجي ۽ مذهبي استحصال جو سبب بڻجي سگهي ٿي اسان جي حڪومت جي پاليسين جو بنيادي ستون آهي، سماجي ۽ اقتصادي خليج کي پورو ڪرڻ ۽ اقليتن جي لاءِ تعليمي ادارن ۽ نمايان خدمتن جي فراهمي لاءِ نمائنده فورمز تي خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جهڙن قدمن سان قومي سطح تي هر ڪ??هن کي هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جي موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ اقليتن جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي حقن جي يقيني تحفظ ۽ ترقي جي لاءِ مالي امداد به ا??هن قدمن جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون اقليتن جي بهتري ۽ قومي ترقي جي ڪوششن ۽ جدوجهد ۾ ا??هن جي مڪمل شموليت لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ، وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ ا??هن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون ان موقعي تي سڀني اقليتي برادرين کي به اپيل ڪريان ٿو ته هو رواداري ۽ گڏيل اتفاق جي فضا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ڇو ته اسان جي معاشري ۾ اهو ئي واحد رستو آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجندو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان بنا ڪ??هن ذات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀ گڏجي ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهن??ي جدوجهد جاري رکڻي آهي.