اسلا?? آباد – 05 8211; آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ ??ڪط??في ڀارتي قدمن جي خلاف جمعي تي پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن ??ان تعلق رکندڙ ماڻهو ريلي ۾ شرڪت ٿيا. ان کان اڳ واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل جمون ۽ ڪشمير جي عوام ??ان گڏ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏ ٿيا. جنهن کانپوءِ پرڏيهي آفيس ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت ??ان زاهد زمان جي ملي نغمي کي جاري ڪيو ويو. ملي نغمو ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ۽ ڀارتي خوني چنبي کان آزادي جي جدوجهد مسلسل جاري رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪشمير جي حوالي ??ان اهو ملي نغمو زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو آهي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پرڏيهي آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندا پارليامينٽ هائوس پهتا. والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. پرڏيهي وزارت مظلوم ڪشميرين ??ان اظهار يڪجهتي جي لاءِ اسلا?? آباد ءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي.