اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين کي ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏياريند??سي?? ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏيند??سي??. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته استحصال ڏهاڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پاڪستان سميت سڄ?? عالمي برادري ڪشميرين جي ڀارتي ظلمن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻو پوندو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي ڀارتي ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياريند??سي?? ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏيند??سي?? ۽ نه ئي ڪنهن قرباني کان ڪيٻائيند??سي??. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان مط??لب?? ڪريون ٿا ته ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن ۽ ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي جو انسانيت جي ناطي نوٽيس وٺي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سان رکيو ويندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تمام وڏو انساني الميو آهي ان ت?? عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو.