اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اورينج لائين ميٽرو بس (فيض احمد فيض ٽرمينل ايڇ نائن کان ا??ئرپورٽ) جي ڀرپاسي لينڊ اسڪيپنگ مڪمل ڪري 7 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏني وڃي، ميٽرو بس جي ڪراين کي گهٽ ڪري عوام جي سهولت لاءِ هڪ ٺوس نظام قائم ڪيو وڃي. بهاره ڪهو باءِ پاس تي ب?? ڪم ترجيحي ب??يادن تي شروع ڪيو وڃي، منصوبي ۾ شفاف طريقي سان بڊنگ يقيني بڻائي وڃي ۽ بهترين ڪمپنين کي منصوبي جي تعمير جو ڪانٽريڪٽ ڏنو وڃي، منصوبن جي تعمير جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قابل قبول نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ميٽرو (اورينج لائين، بليو لائين، گرين لائين) تي اڳڀرائي ۽ اسلام آباد م جاري ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل خان، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بهاره ڪهو ۾ ٽريفڪ جي مسئلن جي ڪري مقامي ماڻهن جي مشڪلاتن جو ادراڪ ضروري آهي. باءِ پاس تان مريءَ ويندڙ س??احن جي لاءِ به آساني پيدا ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 29 ڪلوميٽر ڊگهي اورينج لائين ميٽرو بس سروس کي اين ا??ڇ اي اسٽيشن بدران فيض احمد فيض اسٽيشن سان جوڙيو ويو آهي، جنهن سان رش جي وقتن ۾ مسافرن جي تعداد وڌيڪ آهي. روزانو تقريبن 18 هزار تائين پهچي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 20 ڪلوميٽر ڊگهي ب??يو لائين ميٽرو بس سروس (ڪورال کان پمز اسپتال) به افتتاح جي لاءِ تيار آهي، 13 اسٽيشنن تي ٻڌل اهو روٽ اسلام آباد ايڪسپريس وي جي ڀرپاسي مسافرن جي وڏي تعداد کي معياري ۽ گهٽ قيمت سفري سهولتون فراهم ڪندو. اجلاس کي 15.5 ڪلوميٽر ڊگهي گرين لائين ميٽرو بس سروس جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته بهاره ڪهو کان پمز اسپتال ميٽرو بس بهاره ڪهو کان ا??ندڙ مسافرن ۽ اسلام آباد کان مريءَ ويندڙ س??احن کي سهولت فراهم ڪندي، ان کانسواءِ ايئرپورٽ کان ا??رينج لائين ذريعي ايندڙ س??اح به مريءَ جي لاءِ ٽرانسپورٽ تائين پهچڻ جي لاءِ ان سهولت مان فائدو کڻي ??گه??دا. اجلاس کي ب??اره ڪهو باءِ پاس منصوبي تي پيشرفت کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم منصوبي جي تعمير دوران ٻيلن جي تحفظ ۽ منصوبي ۾ شفافيت کي بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ فلائي اوور وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي 31 جولاءِ تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته اسلام آباد ايڪسپريس وي جي بحالي ۽ ان کي توسيع ڪرڻ جي منصوبي جو به آغاز جلد شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم منصوبن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.