اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪئناڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان رو??گا?? جا موقعا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪئناڊا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان رو??گا?? جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته مير?? گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضر??ري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي معاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سفار??ڪا??ي ۽ ڳالهين ذر??عي ان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يوڪرين جي عوام جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان مان موڪليل امدادي سامان کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سطحي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ گهرجي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪئناڊا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئناڊا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ۽ خاص طور تي ڪئناڊا جي شهرين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ڪئناڊا جي هم منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستان جي د??ري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان د??ري سان پاڪستان ۽ ڪئناڊا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.