اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل بنا صحيح?? جي واپس ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستاني?? جي ووٽنگ جي معاملي سان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان ڳنڍيل رهيو آهيان ۽ سمورين حڪومتن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ا?? جي پيروي ڪندو رهيو آهيان، آئون آئي?? جي پاسداري ڪندو رهيو آهيان ۽ مون کي ان ڳالهه جو ادراڪ آهي ته آئين پاڪستا?? منهنجي ان بل تي صحيحون نه ڪرڻ جي باوجود ان کي قانو?? جي شڪل ڏئي ڇڏيندو. صدر پاڪستا?? جي آئي?? جي آرٽيڪل 75 (2) جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدر جي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) کي بل واپس ڪرڻ تي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) گڏيل اجلاس ۾ ان تي ٻيهر غور ڪندي. ۽ جيڪڏهن اهو مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي ذريعي ترميم سان گڏ يا ان کانسواءِ اڪثريت جي ووٽن سان ٻيهر منظور ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي صدر آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ صدر 10 ڏينه?? جي اندر پنهنجي منظوري ڏيندو، ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان بل جي منظوري تصور ڪئي ويندي. صدر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بحيثيت صدر پاڪستان مجلس شوريٰ جي منظور ڪيل بل تي صحيحون نه ڪرڻ منهنجي لاءِ ذاتي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. ان لاءِ آئون ايندڙ نسل?? جي لاءِ پنهنجا دليل ۽ خيال قلمبند ڪرڻ چاهيان ٿو. سبب ٻڌائيندي صدر چيو ته قانون?? جي رجعت پسنداڻي نوعيت، جنه?? جي هن ان وقت نشاندهي ڪئي هئي جڏهن هن ان بل کي پارليامينٽ ڏانهن واپس موڪليو هو، ان کانسواءِ ان ڳالهه تي پڪو يقين رکان ٿو ته ٽيڪنالاجي خاص طور تي اي وي ايم کي جڏهن موثر طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪيترن ئي مسئلن جو حل موجود آهي جيڪي روايتي طريقن ۾ درپيش اچن ٿا. ٽيڪنالاجي سدائين کان تڪراري ۽ چئلينج شده چونڊ عمل ۾ ابهام، اختلاف ۽ الزامن کي گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ، چونڊ مرحلي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني?? جي شرڪت، سياسي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ ۽ ورڇ جي عمل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته هي قدم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ?? جي اسا?? جي هيستائي?? جي اڌوري خواب کي پورو ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان مستقبل ۾ تيزي سان ڪاميابي طرف وڌي، اڄ جي مسئلن کي رڳو ماضي جي تجرب?? جي روشني ۾ ئي حل نه ڪرڻ گهرجي پر جديد ۽ نئين سائنسي طريقن کي به استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. مون کي ان ڳالهه جو پورو ادراڪ آهي ته اهو پارليامينٽ جي ٻنهي طرفن ۾ اعتمادي سازي جي فروغ ۽ حصيدار?? جي وسيع تر شموليت کانسواءِ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ائين هيستائين ڇو ناهي ٿيو ۽ راءِ سازن ۽ فيصلا سازن پاران ان عام فهم شيءَ کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو، اهو منهنجي لاءِ معمو رهندو. صدر چيو ته موجوده ۽ مستقبل جي حڪومتن ۽ پارليامينٽن کي ٻن شي?? جي چونڊ ڪرڻي پوندي، پهرين اها ته ماضي کي اجازت ڏني وڃي هو پاڪستان کي پستي طرف وٺي وڃي يا پوءِ ماضي جي تجربن ۽ اڄ جي ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻيندي اسان پاڪستا?? جي روشن، ترقي پسند ۽ متحرڪ مستقبل جو خواب شرمنده تعبير ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي ڪيترن ئي مشڪل فيصلن کي اسان کي مستقبل ۾ به منهن ڏيڻو پوندو. تاريخ گواهه آهي ته جيڪي قومون صحيح فيصلا ڪن ٿيون اهي ترقي جو?? منزلون تيزي سان طئي ڪن ٿيون ۽ جيڪي ائين نه ٿيون ڪن اهي موقعا ضايع ڪن ٿيو?? جيڪي انهن کي بلندي ۽ ڪاميابي طرف وٺي وڃي سگهن.