اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوجرانوالا ۾ ٽ??يفڪ حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان م??جب وزيراعظم چيو ته عورتن سميت فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت کي سڌارن جي هدايت ڪريون ٿا. بهتر رستن جي تعمير ۽ انتظامي قدمن سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام، وارثن کي ص??ر جميل ڏي، هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.