اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف يوم القدس تي بهادر فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڌار خودمختيار رياست جي عالمي عهد جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته غير قانوني طور تي ڀارت جي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسرائيل جي ناجائز قبضي جي خلاف منظور ڪيل قراردادن تي عمل ۽ ان جي پراڻي تڪرارن جو منصفاڻو حل ئي دنيا ۽ خطن ۾ پائيدار امن آڻي سگهي ٿو، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻن رياستي حل ??اب?? معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائن لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري. يوم القدس تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته ڀائر ملڪ ايران پاران 1979ع ۾ شروع ٿيندڙ ان عالمي ڏينهن جو مقصد مسلمان امت پاران پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ ٻارن جي حقن سان يڪجهتي جو اظهار هو. يروشلم ڌار فلسطيني رياست جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو ويو آهي، جتي واقع قبله اول سمورن مسلمانن جي روح جي تسڪين جو باعث آهي، هن چيو ته هر سال رمضان المبارڪ جي آخري جمعي تي ان ڏينهن فلسطينين تي ق??بض صيهوني فوج جي ق??ضي?? وحشياڻي حملن، قتل ۽ غارت گري ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪئي ويندي آهي، وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان مسلمان امت ۽ سڄي دنيا جي انصاف پسند انسانن جي آواز ۾ آواز ملائي فلسطينين تي صيهوني رياستي ظلمن جي مذمت ڪري ٿو، هر رمضان المبارڪ ۾ عام طور ۽ يوم القدس تي خاص طور تي صيهوني رياستي ظلم ۽ جبر جي شديد مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻن رياستي حل ??اب?? معاهدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري، غير قانوني طور تي ڀارت جي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسرائيل جي ناجائز قبضي جي خلاف منظور ڪيل قراردادن تي عمل ۽ ان پراڻي تڪرارن جو منصفاڻو حل ئي دنيا ۽ خطن ۾ پائيدار امن آڻي سگهي ٿو، اسان ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزير??عظ?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ ڪشميرن ۽ فلسطينن کي آزادي جي نعمت سان سرفراز فرمائي.