اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئلينج ۽ ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها، ڀائراڻا لا??اپا ۽ تاريخي رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لا??اپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان پاڪستان سعودي عرب لا??اپن جي خصوصي اهميت تي زور ڏنو جيڪي ويجهن ڀائراڻن لا??اپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم عمران خان تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لا??اپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) کي اسلامي دنيا جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم طور تي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. اسلامي دنيا کي درپيش مسئلن جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي متاثر ڪندڙ اسلامو فوبيا جي چئلينج تي روشني وجهندي وزيرا??ظم عمران خان ان خطرناڪ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن، افغانستان جي صورتحال ۽ ڀارت جي عيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ سعودي عرب جي مستقل حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ??ي ڪامياب انعقاد تي وزيرا??ظم کي مبارڪباد ڏني.