اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ بيواهه کي لا??يف انشور??س ڪليم جي ادائيگي ۾ 7 سال جي غيرضروري دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽيٽ لا??يف انشور??س ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کي 4 لک 12 هزار رپين جي بيمي جي رقم بيواهه کي ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر بيواهه کي دير سبب مالي نقصان کان بچائڻ جي لا??ِ ادائيگي جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت ۾ اضافي کي شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. صدر چيو ته انشور??س ڪمپني بيواهه کان معافي وٺي، مالياتي نظام جو رويو تبديل ڪري ۽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي مح??سب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. صدر اهي حڪم وفاقي مح??سب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لا??يف انشور??س ڪارپوريشن جي نمائندگي کي رد ڪندي جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب مرحوم زاهد الطاف ڀٽي اسٽيٽ لا??يف انشور??س ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کان 6 جولاءِ 2007ع ۽ 25 جون 2010ع تي ترتيبوار 212000 رپيا ۽ 200000 رپين جي بيمي جون ٻه لا??يف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. 20 مارچ 2015ع تي الطاف ڀٽي جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ سندس گهرواريءَ فوزيه زاهد ڀٽي (ش??اي?? ڪندڙ) انشور??س ڪليم جي ادائيگي لا??ِ انشور??س ڪمپني سان رابطو ڪيو پر ڪمپني ان بنياد تي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فوتي بيمي کان اڳ مريض هو ۽ کيس جگر جي بيماريءَ / هيپاٽائيٽس سي جي مرض ۾ مبتلا هو جنهن تي مرحوم جي بيواهه فوزيه زاهد ڀٽي وفاقي مح??سب وٽ ش??اي?? داخل ڪرائي، وفاقي مح??سب اسٽيٽ لا??يف کي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي مح??سب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ بدران اسٽيٽ لا??يف صدر وٽ مح??سب جي فيصلي جي خلاف درخاوست داخل ڪئي. صدر اسٽيٽ لا??يف جي نمائندگي کي رد ڪندي انشورنس آرڊيننس مجريه 2000ع جي سيڪشن 80 جو حوالو ڏيندي چيو ته پاليسي حاصل ڪرڻ جي ٻن سالن کانپ??ءِ غلط بياني يا حقيقتون لڪائڻ تي انشورنس پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگهجي، ايجنسي پنهنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ، انشورنس کان اڳ بيماري جي موجودگي بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسٽيٽ لا??يف جي پنهنجي فيلڊ آفيسر جي ڳجهي رپورٽ ۾ بيمي شده کي صحتمند قرار ڏنو ويو هو ۽ رڳو منافعو ڪمائڻ جي لا??ِ اخلاقي اصولن ۽ همدردي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته اسٽيٽ لا??يف فضول بهانن سان ڪم ورتو، غيراخلاقي طريقي سان ادائيگي ۾ دير ڪئي. صدر بيواهه کي دير جي ڪري مالي نقصان کان بچائڻ جي لا??ِ ايجنسي کي انشورنس جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.