اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عو??ت مضب??ط ۽ خوشحال هوندي ته ملڪ به مضب??ط ۽ خوشحال هوندو، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي جي قدمن جي ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو ??ثبت تشخص اجاگر ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بيگمه ثمينه عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي ??ما??ندگي حوصلي واري آهي، هن چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، انهن ۾ صلاحيتن جي ڪا به کوٽ نه آهي. مذهب اسلام، پاڪستان جو آئين ۽ اسان جو ??عاشرو عورتن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. هن چيو ته تعليم ۽ آگاهي عورتن جي ڪاميابين جو اهم جزو آهن، موجوده حڪومت عورتن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ مالي خودمختياري لاءِ ڪيترائي قدم کن??ا آهن. حڪومتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ عورتن جي ره??ما??ي جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي عو??ت ميمبرن، ڪاروباري ۽ ٻين نمايان شخصيتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ملڪي معاشي ترقي ۾ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته ڪاروباري ادارا عورتن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪن. عو??ت مضب??ط ۽ خوشحال هوندي ته ملڪ مضب??ط ۽ خوشحال هوندو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته صدر ۽ وزيراعظم عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، ان سلسلي ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ خاص طور تي وراثتي حقن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کن??ا ويا آهن. هن خصوصي ماڻهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي انفرااسٽرڪچر ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي جي ذريعي اسان دنيا ۾ پاڪستان جو ??ثبت تشخص اجاگر ڪري سگهون ٿا.