اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻاهرين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي 3.160 ??رب ڊالر پاڪستان م??ڪليا آهن. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اوورسيز پاڪستانين وزيراعظم عمران خان تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. هن چيو ته حڪومت اوورسيز پاڪستانين جي بنيادي حقن جي لاءِ عملي قدمن ۽ سهولتن جو سفر جاري رکندي.