اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هداي?? ڪئي آهي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي غير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، اها هدايت هن پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ زرعي بهتري جي منصوبي تي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. و??ير??عظم چيو ته زراعت ۾ بهتر ميڪانائيزيشن ٽولز ۽ آءِ سي ٽي سان هلندڙ توسيع خدمتن جي متعارف ٿيڻ سان پاڪستان ۾ انقلاب برپا ٿي ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپاري پئماني تي زيتون جي ڪاشت ۽ جهينگن جي فارمنگ وقت جي اهم ضرورت آهي ان سان روانگي واپار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، و??ير??عظم چيو ته ڪسان ڪارڊ جاري ٿيڻ سان ڪسانن کي مشينري ۽ زرعي سامان خريدڻ ۾ سهولت ملندي. و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي هداي?? ڪئي ته ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙي وڏي فصلن ۾ تحقيق لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا وڃن، هن ملڪ ۾ مويشن جي افزائش ۽ کير جي پيدوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٻچڙن جي پرورش جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ مصنوعي اينسيمينيشن کي بهتر ٽيڪنڪ متعارف ڪرڻ جي به هداي?? ڪئي، و??ير??عظم سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هداي?? ڪئي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي عير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته يوريا جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙ ماڻهن خلاف انتظامي قدم کنيا پيا وڃن.