اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن واري پروگرام جو اهم حصو آهي. ادارن جي وقت سر ۽ شفاف نجڪار??ءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن جي نجڪار??ءَ جو هفتيوار جائزه اجلاس نجڪاري وزارت ۾ منعقد ٿيو. نجڪاري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ سيڪريٽري نجڪاري سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪار??ءَ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران جناح ڪنيونشن سينٽر، ايس ايم ا?? بئنڪ، پارڪ ري انشورنس سميت ٻين مختلف ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير کي سرڪاري پراپرٽيز جي وِڪري، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ـ سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ڊويزن طرفان هائوس بلڊنگ فنانس ڪا??پور??شن جي بورڊ جي منظور??ءَ لاءِ سمري وزيراعظم آفيس موڪلي وئي آهي. وزيراعظم ۽ ڪا??ينه مان بورڊ جي منظور??ءَ کانپوءِ ايڪسپر??شن اينڊ انٽر??شن شايع ڪيا ويندا. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ جي اڪائونٽس جي آڊٽ لاءِ آڊٽ فرم جي خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي.