اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي بين المذاهب هم آهنگي جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ رحمت العالمينﷺاٿارٽي جي قيام، مسلمان امت کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. اسپيڪر چيو ته وزيراعظم جو سيرت رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو اعلان انتهائي خوش آئنده قدم آهي، عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ وزيراعظم عمران خان جو خاتم النبيين ﷺ سان والهاڻي عقيدت جو اظهار آهي. هن چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، سيرت النبي ﷺ تي عمل پيرا ٿي مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن تي ضآبطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته هڪ پرامن اسلامي معاشري کي جوڙڻ لاءِ نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ کان آگاهي ضروري آهي، حافظ طاهر اشرفي چيو ??ه رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جي قدم جو ملڪ جي اندر ۽ ملڪ جي ٻاهر آجيان ڪئ?? وئي آهي. نومبر جي پهرين هفتي ۾ سيرت النبي ?? ڪانفرنس منعقد ڪئ?? ويندي?? طاهر اشرفي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سيرت النبي ?? ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ??ه ربيع الاول جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي ?? ڪانفرنسن جو انعقاد ڪيو ويندو.