اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سا?? ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي پاڪستاني ڄائي ميمبر لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيه?? وزار?? ۾ ??اڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي پنهنجي برطانيه جي تازي دوران دوران برطانوي پرڏيه?? وزير لزٽرس سان ملاقات جو موقعو مليو، مون برطانوي هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني ڄا??ي برطانوي پارليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي تازي برطانيه جي دوري ۽ برطانوي پرڏيه?? وزير لزٽرس سميت برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هوائي سفر جي حوالي سان برطانوي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.