لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته ??شم??ر مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواب ڪڏهن پُورو نٿو ٿي سگهي. اها ڳالهه هن لنڊن ۾ ??شم??ر سان تعلق رکندڙ مشهور برطانوي پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقات دوران چئي. پرڏييه وزير والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ??شم??رين جي جائز حق ”خودمختياري واري حق“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر آواز بلند ڪرڻ جي حوالي سان برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ??شم??ر مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي سطح ??ي کڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل ۽ ا??ٽر ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان تازو ئي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل هڪ ڊوزيئر جوڙيو آهي، ان ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن. شاهه محم??د قريشي چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي صورتحال جي حوالي سان ”مباحثي“ جو انعقاد خوش آئنده آهي، برطانوي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان مباحثي هڪ دفعو بيهر والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي ظلمن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو ته برطانوي پاڪستاني ڪميونٽي، هٿين خالي ??شم??رين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن ??شم??ري قيادت کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ??شم??رين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد، جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. دنيا کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته جيستائين ??شم??ر مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ??شم??رين جي امنگن موجب منصفاڻي طور تي حل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن جو خواب ڪڏهن شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي.