ڪابل -22 آگسٽ (اي پي پي) حزب اسلامي جي سربراهه انجنيئر گلبدين حڪمت يار افغان ??سئلي جي پرامن ۽ ڳالهين واري حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي موقف ۽ ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ٻين سڀني سياسي گروپن تي ٻڌل هڪ جامع حڪومت وقت جي ضرورت آهي ۽ اهڙي حڪومت افغانستان ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪي سگهي ٿي ۽ جنگ سٽيل ملڪ کي بحران ??ان ??اهر ڪڍي سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته دوحه امن معاهدي کان ??وءِ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ هتي ابتدائي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.هن چيو ته افغانستان ??ان آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي مڪمل نيڪالي کان ??وءِ سڀني گروپن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. هن چيو ته مسئلي جي حل لاءِ سڄي افغان سياسي قيادت کي گڏجي ويهڻ گهرجي ته جيئن مسئلي کي حل ڪري سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڀئي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته افغان عوام ڊگهي جنگ ۽ جهيڙي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي جنگ سٽيل ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ چاهي ٿي ۽ ترقي ۽ نئين سر تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. موجوده ۽ ماضي جي طالبان ۾ تبديلي بابت هڪ سوال تي حزب اسلامي جي سربراهه چيو ته سڀني افغانين کي مسلسل جنگ سان ??ڏو نقصان ??هتو جن پنهنجي غلطين مان سکيو آهي. هن چيو ته موجوده طالبان ۾ هاڪاري تبديلي آئي آهي. افغانستان ۾ ڀا??ت جي ناڪاري ڪردار بابت هن چيو ته اميد آهي ته ڀا??ت ۾هاڻي افغانستان ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان سل??لي ۾ پنهنجي ماضي جي پاليسي جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڀا??ت افغانستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي يلغار جي حمايت ڪئي هئي. جيڪا ڪميونسٽن جي حمايتي ۽ مجاهدن جي مخالف هئي. هن چيو ته ڀا??ت افغانستان تي نيٽو جي حملن جي به حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ڀا??ت پاڪستان سان ??نهنجي ڪنفليڪٽ افغانستان ??نتقل نه ڪري. افغان سر زمين کي ڪنهن به جنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجا??ت نه ڏني ويندي. هن چيو ته امن ۽ استحڪام ڀا??ت سميت سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڀا??ت ۾ افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ افغان عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪندو.