اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ افغ??نس??ان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاه محمود قريشي چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغ??نس??ان نه صرف پاڪستان پر سڄ?? خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان هميشه افغان امن عمل جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ”ٽرائيڪا پلس“ جو حصو هجڻ ڪري افغ??نس??ان ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ??رد??ر ادا ڪيو. موجوده حالتن کي نظر ۾ ر??ند?? افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي. شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گهرا ٻه طرفا لاڳاپا آهن. اسان پاسڪتان اسٽريم گيس پائپ لائين منصوبي تي جلد عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون.