اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جو واحد حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون آهن، حڪومت ??ن سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کان تجو??زو?? گهريون پر انهن نه ڏني??ن، آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ??حت عام چونڊون ٿي??ن، اتي اليڪشن ڪميشن جو هڪ ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا الزام سمجهه کان مٿي آهن. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر نه هجڻ جي ڪري شڪست تسليم نه ڪئي ويندي هئي، اسان غيرجانبدار امپائر جي لاءِ مهم هلائي، 1986ع ۾ پهريون ڀيرو اسان غيرجانبدار امپائر آندا، هاڻي ڪير هارائڻ تي الزام نه ٿو هڻي، اسان جي پهرين حڪومت ??هي جيڪا چونڊ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن چونڊ عمل ٺيڪ ٿئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو نظام آڻي??ن، اهو سمورن مسئلن جو حل آهي، ان تي اس??ن وڏي محنت ڪئي آهي، مخالف ڌر کان ان تي تجو??زو?? گهريون آهن جيڪي انهن نه ڏني??ن، آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪراي??ن، پوليس انهن جي هئي، اليڪشن ڪميشن جو ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا الزام وزيراعظم هائوس ۾ ويهي وزيراعظم پاران هنيا ويا آهن، انهن سڀني جو حل اي وي ايم آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اهي مشينون تيار به ڪيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ۽ بار ڪائونسل جون سموريون چونڊون ان تحت ٿين، وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ سسٽم جي ڪري ٽرمپ جا ڌانڌلي جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا.