اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا يوني??رس??ي اينيميشن، بصري آواز ۽ جديد ميڊيا سان تعلق رکندڙ هر شيءَ لاءِ هڪ جديد ترين ادارو هوندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ميڊيا ٽيڪنالاجيز ۾ دنيا جي مشهور يوني??رس??ي (برن مائوٿ يوني??رس??ي) سان سهڪار اڳتي وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، هن ??اڪستان ۾ برطانيه جي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۾ برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مائيڪ نيٿ ويرياناڪس جو ٽوئيٽ به شيئر ڪيو جنهن ??فاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ بورن مائوٿ يوني??رس??ي جي جان ويني کي پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ دلچسپ ميڊيا پروگر??م پيش ڪرڻ جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.