اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي مختلف مڪتبه فڪر جي 14 عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ايوان ص??ر جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب ??در عارف علوي ڪورونا جي خاتمي جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ان موقعي تي صدر چيو ته رمضان المبارڪ دوران عالم سڳو??ا پنهنجي پنهنجي اثررسوخ وارن علائقن ۾ ڪورونا جي خاتمي جي تدبيرن تي خاص طور تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت سان تعاون جي تلقين ڪن.