اسلام آباد – 04 – جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بنيادي صحت جي سستي سهولتن جي هر شهري تائين پهچ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ??ڪومت سرڪاري اسپتالن ۾ نظام جي بهتري سان گڏوگڏ نجي اسپتالن کي سستي زمين فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن غريب خاندانن ۾ ڪو به علاج کان محروم نه رهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ??نج??ب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد سان ڳالهائيندي ڪيو جن??ن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان پڻ موجود هو.